اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ وڏي پئماني تي اضافي سان ملڪي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، آبادي ۾ اضا??ي کي روڪڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين، هيلٿ ورڪرز ۽ عالم سڳورا آبادي جي شرح ۾ اضافي ۽ توليدي ??حت بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪن، ميڊيا توليدي ??حت ۽ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي اجاگر ڪري، حڪومت عورتن کي ??حت جي بهترين سهولتن، کين قرض ۽ تعليم جي فر??همي کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بهبود آبادي ۽ فيملي پلاننگ جي باري ۾ عالمي ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي ??حت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وير سيد فخر امام، پارليامينٽ جا ميمبر، برطانيه ۽ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنرز، آسٽريليا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر، يورپي يونين جي سفير، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريذيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن سميت سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيم جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، ??حت جي شعبي ان ڏس ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان کي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن چيو ته آبادي جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ماڻهن سان رابطي جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتون به ان طرف پنهنجو ڌيان مرڪوز ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ آ??ادي ۾ اضا??ي کي روڪڻ ۽ بهبود آبادي جي لاءِ برطانيه، آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا، يورپي يونين ۽ امدادي ادارن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته آبادي ۾ اضا??ي کي روڪڻ لاءِ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين. هن چيو ته حڪومتي منصوبن ۽ ڪوششن جو بنيادي مقصد عورتن ۽ ٻارن جي ??حت بابت تعلق آهي. هر خاندان کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بهبود آبادي لاءِ خانداني منصوبابندي جي ضرورت آهي، اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته هڪ پورو خاندان ??حت مند خاندان جي طور هجي، عالم سڳورا بهبود آبادي کي پنهنجي جمعي جي خطبن ۾ شامل ڪن، ماڻهن کي اشتهارن تي وڌيڪ ڀروسو ناهي هوندو، ميڊيا ڇاتي جي ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا صبح جي پروگرامن ۾ توليدي ??حت ۽ وڌندڙ آبادي جي مسئلن کي اجاگر ڪري، صدر چيو ته خاندان جي ??حت ۽ تعليم سان قوم مٿي اڀرندي آهي. غير سرڪاري تنظيمون اسان سان گڏ هلن ته جيئن پاڪستان کي وڌيڪ ??حت مند ۽ خوشحال بنائي سگهجي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آبادي، عورت جي صحت، ترقي ۽ معيشت اهو سڀ شيون گڏجي هلنديون آهن، ملڪي معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، آبادي ۾ وڏي پئماني تي اضافي سان وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسان جي پريشاني اها آهي ته آبادي وڌڻ سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسان کي آبادي ۾ اضا??ي کي روڪڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، حڪومت عورتن لاءِ قرض ۽ تعليم جي فر??همي کي ترجيح ڏئي رهي آهي، صدر چيو ته قدرت عورت کي تعلي?? ۽ ??حت جي حوالي سان هڪ ذميداري ڏني آهي، وڌندڙ آبادي کي روڪڻ لاءِ حمل روڪ دوائن جي فر??همي جي ضرورت آهي، عورت ۽ خاندان جي مڪمل ??حت جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ويڪسينيشن ۽ فيملي پلاننگ به شامل آهي، هن چيو ته ان حساس موضوع تي هاڻي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان ۾ اسان جي عالمن جو به ڀرپور ڪردار آهي، ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جي باري ۾ قرآني آيتن جو پرچار ڪيو وڃي، صدر چيو ته پاڪستان 60ع 70ع جي ڏهاڪي ۾ فيملي پلاننگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو، اسان کي مستقبل جي باري ۾ پنهنجي هدفن کي مقرر ڪري وسيلن کي موبلائيز ڪرڻو پوندو.