اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد پرڏي??ي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پا?? آمريڪا بزنس فورم جي چيئرمين حفيظ خان به ساڻس گڏ هو. ملاقات دوران پا??ستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، معاشي سفارتڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏي??ي وزير چيو ته پا??ستان، آمريڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، اسان جي حڪومت، معاشي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستان، ٻاهرين سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اي ويزا سميت ڪيتريون ئي اهم سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. آمريڪي ڪمپنيون انهن مراعتن مان فائدو کڻندي پا??ستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ملاقات ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پا??ستانين جي حوالي سان به خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏي??ي وزير آمريڪا ۾ رهندڙ پا??ستاني ڪميونٽي لاءِ ڊيموڪريٽڪ اڳوڻ طاهر جاويد جي خدمتن کي ساراهيو. طاهر جاويد پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي کيس پا??ستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.