اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪاران کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرن??شن?? فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرن??شن?? فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر، اليگزينڊر م??ٿيوس سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي انجمن هلال احمر پاڪستان جي چيئرمين ابرابر الحق به موجود هو. صدر عارف علوي چيو ته قدرتي آفتن کي مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪارن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرن??شن?? فيڊريشن آف ريڊڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، هن چيو ته هلال احمر پاڪستان ڪورونا جي دوران عوام کي صحت جون سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت جي ڪورونا جي دوران ڪامياب سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي ڪري صورتحال ضابطي ۾ رهي. صدر چيو ته حڪومت ڪورونا جي دوران ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا. صدر هلال احمر پاڪستان جي مدد فراهم ڪرڻ تي انٽرن??شن?? فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي ڪردار کي ساراهيو.