اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته پي ايم ڊي اي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف سب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي. سومر ڏينهن مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ جوڙي وئ??، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين وقت تي ملتوي ڪيو ويو، پارليامين?? کي مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن جو منافقاڻو رويو کلي سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خ??تم?? ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، وقت سر پگهارن جي ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.