اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس معاشي ٽيم جي ڪامياب حڪمت عملي ج?? ثمر سامهون اچڻ لڳا آهن، مالي سال 22 – 2021ع جي شروعات ۾ ئي ٽيڪس اوڳاڙين جي هدف کي ??بور ڪرڻ خوش آئنده آهي، (ن) ليگ جي دور ۾ ريفنڊ روڪي ايڊوانس ٽيڪس وصول ڪري مصنوعي انگ اکر جاري ڪيا ويندا هئا، اسان گذريل مالي سال ۾ 364 ار?? جا ريفنڊ ڏنا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته آگ??ٽ 2021ع ۾ 434 ار?? جو روينيو گڏ ٿيو جيڪو ٽارگيٽ 349 ار?? کان 85 ار?? رپيا وڌيڪ آهي، 2020ع گذريل سال ۾ 300 ار?? جو ٽيڪس گڏ ٿيو ه??. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگ??ٽ 2021ع ۾ 850 ار?? جو روينيو گڏ ڪيو ويو، 2020ع جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ 603 ار?? جو روينيو گڏ ٿيو ه??، 22 – 2021ع جي پهرين ٻن مهينن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 41 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين قدمن سان ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي.