اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اٺين صوبي تي طالبانن جي قبضي کانپوءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانستان جي موجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي وئي يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان جا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ ??رب??ن روپين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طرح ق??من کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ان جو مثال آهي.