اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اردن جي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي سگه?? ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اردن ۽ فلسطين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير جنرل (ر) سجاد ع??ي خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.