اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??ي جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام کي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ حڪومت جي لاءِ اولين اهميت رکي ٿي، حڪومت سمورين ڌرين جي مشاورت سان ضروري قد?? کڻندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ صوبي جي فلور ملز ايسوسيئيشنز جي موجوده ۽ اڳوڻن چيئرمين ۽ نمائندن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ا??ي جي فراهمي ۽ مناسب قيمتن تي دستيابي جي حوالي سان مختلف تجويزون ۽ مستقبل جي لائحه عمل جي حوالي سال معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، نيشنل فورڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، جميشد اقبال چيمه ۽ اعليٰ آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ هئا. چ??ني صوبن جا چيف سيڪريٽريز به اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وفد وزيراعظم کي فلور ملز نمائندن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ملاقات ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو، وفد ڪڻڪ جي ملڪ ۾ وقت سر فراهمي ۽ عوام الناس کي ا??ي جي مناسب قيمتن ۾ دستيابي، ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر کي و??يڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.