ڪراچي – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مالي ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ جديد گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان کي پنهنجون مالي پاليسيون نئين رجحانن کي نظر ۾ رکي جوڙڻيون پونديون، حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس دوران بهترين پاليسي اختيار ڪئي، دنيا ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي متعارف ڪرائي، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن کي قومي دائري ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ مصنوعي ذهانت سان مالي ڏوهن جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته برينڊ پا??ستان کي عالمي سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي تڪرارن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، پا??ستان هن وقت ترقي جي دروازي تي تمام جلد پا??ستان سٺا ڏينهن ڏسندو. هن چيو ته هيٺئين سطح تي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم جاري آهن، حڪومت جي بهترين پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران معاشري جي ڪمزور طبقي کي مالي مدد ??راهم ڪئي وئي، صنعتن جي لاءِ به خصوصي پئڪيج متعارف ڪرايا ويا. صدر چيو ته عورتن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پا??ستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي، اولهه مفاد ۾ ايسٽ مور جي تڪرار تي جدا ۽ ڪشمير جي مسئلي تي جدا پاليسي اختيار ڪئي وئي.