اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا جا 63 هزار 504 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آ??ري??ن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائين جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آهي جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آهي جن ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279، خي??رپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 65 هزار 163 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آهي جن مان سنڌ ۾ 1 هزار 13، پنجاب ۾ 1 هزار 347، خي??رپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.