اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته اڄ کان 27 سال اڳ 6 ڊسمبر 1992ع تي هندو انتهاپسند پارٽي آر ايس ايس طرفان بابري مسجد جي شهادت جي ڏينهن جي مناسبت سان ڀارت طرفان فلم پاني پت رليز ڪئي وئي، جنهن ۾ اف??ان هيرو احمد شاهه ابدالي جي تشخص کي مجروح ڪرڻ جي ناڪام ڪ??شش ڪئي وئي، ان سان افغانين ۽ مسلمانن جي حوالي سان ڀارت جي متعصب ۽ منفي سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي.