اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان وزيراعظم آفيس ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قلعه سيف الله جي شاگردن ملاقات ڪئي، هي ملاقات وزيراعظم طرفان نوجوانن کي اعليٰ ترين آفيس جي دوري تي گهرائڻ جي قدمن جو ??صو آهي. وزيراعظم شاگردن سان انهن ??ي تعليم، مصروفيت ۽ دلچسپي جي معاملن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي ۽ جمهوري دورن جي طريقيڪار، پارليامينٽ جي ڪردار ?? شهرين جي ذم??دارين بابت سوالن جا جواب ڏنا.