اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته نوجوان ??يلينٽ کي راندين طرف متوجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا اسپورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري آهي، ڪشمير پريمي??ر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پريمي??ر ليگ ( ڪي پي ايل) جي انتظاميه جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، ڪشمير پريمي??ر ليگ جي صدر ع??رف ملڪ، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر چوڌري شهزاد اختر، ڪشمير پريمي??ر ليگ جي انتظاميه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ ??عل??ٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. ليگ جي انتظاميه صدر کي ڪي پي ايل جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي انعقاد سان ??وري دنيا ۾ ڪشمير ڪاز اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ متع??رف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.