اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏيندي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پر??ئيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم اها منظوري ناله لئي منصوبي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڏن??. ا??لاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئ??. ا??لاس ۾ وزيراعظم ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي وين??ي. ??رڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پر??ئيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم منصوبي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.