اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن جي ڀرپاسي ۾ وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اج??اس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اج??اس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چي??رمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اج??اس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.