اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پورٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ ??ي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ ??ٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائ??يڪ??ر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ ??ان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پورٽ ??ي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.