اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (ا??ن ڊي ايم) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ لاءِ چين کا?? خريد ڪيل هڪ لک ٽن کان وڌيڪ طبي سامان پاڪستان پهچي ويو آهي، وينٽي ليٽرز کانسواءِ هاڻي سمورو حفاظتي سامان مقامي مارڪيٽ ما?? خريد ڪيو پيو وڃي، سامان جي خ??يداري ۽ پهچ جي عمل ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني ويو آهي، ڪورونا جي ٽيسٽنگ لاءِ گهربل سمورو سامان دستياب آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ 70 ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، مڪڙن جي روڪٿام لاءِ زميني ۽ فضائي اسپري جو انتظام ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.