اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ نائجيريا جي صدر محمد بوباري ٽيليفون تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي ج?? معاملن ??ي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا کي هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن. وزيراعظم نائجيريا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي ج?? اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ ر??ڪڻ جي لاءِ ان جي موثر قدمن کي ساراهيو.