اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ ثابت قدم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حق جي لا??ِ 7 ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آه??، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررو??ين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آه??، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.