اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو دورو ڪندو ۽ ڪويت جي م??حوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??ڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي م??حوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي م??حوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻط??في تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.