اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي م??يشت کي مٿي کڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو، ڪامياب جوان پروگرام جي پاڻ ??انيٽرنگ ڪري رهيو آهيان، رقم جي ورهاست جو عمل وڌيڪ تي?? ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ملڪي م??يشت تي منفي اثر ختم ڪرڻ لاءِ اهو پروگرام تمام گهڻو ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم خاص مددگار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جن س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي تازه ترين انگن اکرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ پروگرام تحت نوجوانن ۾ رقم ورهائڻ جي عمل کي تي?? ڪرڻ تي م??اورت به ڪئي وئي.