اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ اربع ڏي??هن صبح ساڍا ڏهين وڳي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جي خصوصي اجلاس دوران ??شمير مسئلي جي حوالي سان ??ارليامينٽ ۽ عوام پاران ??ظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کا??سو??ءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ??يل ظلمن جي خلاف پڻ آواز اٿاريو ويندو. ان ??وقعي تي عالمي برادري تي زور ڏنو ويندو ته اها ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ??يل ظلم بند ڪرائڻ جي ل??ءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري. سينيٽ جو اهو خاص اجلاس ڪشمير جي حوالي سان ??ڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران سينيٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ بحث ۾ حصو وٺندا. اهو اجلاس ان حوالي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان ??وقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا ويندا. اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ جي ل??ءِ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي.