اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز تي زور ڏنو آهي ته اهو تحقيق جي دائري ۾ سگهه تي خاص ڌيان ڏيندي پنهنجي هدفن جو نئين سر تعين ڪري، جڏهن ته تحقيق جي شعبي ۾ ئي علائقائي ۽ عالمي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان رابطي ۽ تعاون کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. ??در اهي هدايتون انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي وقتي صدر ن??يم رياض پاران ايوان ??در ۾ اداري جي ڪردار بابت ڏني ويندڙ پريزنٽيشن دوران جاري ڪيون. نديم رياض انساني وسيلن جي ترقي ۽ تحقيقي پبيليڪيشنز جي حوالي سان اداري جي خدمتن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ اسڪالرز، ريسرچرز ۽ شاگردن انسٽيٽيوٽ جي پ??يٽ فارم تان فائدو کنيو آهي.