اسلام آباد– 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن جو هيليڪاپٽر پارا چنار ۾ دوائن جي فراهمي، مريضن جي م??تقلي ۽ ٻين امدادي سرگرمين جي لا??ِ مخصوص ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وزيراعظم جي هدايت تي پارا چنار جي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻهن جي ايمرجنسي طبي ض??ورتن جي لا??ِ دوائون پهچائڻ جو اهم ريليف آپريشن ڪري رهي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي 500 ڪلوگرام دوائون کڻي پهريون هيليڪاپٽر اڄ پارا چنار پهتو، واپسي تي اهو 4 مريضن کي علاج جي لا??ِ اسلام آباد کڻي آيو. ٻيو هيليڪاپٽر اڄ ٻنپهرن جو وڌيڪ 500 ڪلوگرام دوائون کڻي اسلام آباد کان پارا چنار جي لا??ِ روانو ٿيندو ج??ڪو واپسي تي اتان مريضن کي اسلام آباد کڻي ايندو. سندس چوڻ هو ته ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پارا چنار ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون.