اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ??ي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان م??لم لي?? (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جو صدر شاهه غلام قادر پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان ??ي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئ?? اهي ملڪي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلوچستان جي گورنر صوبي ??ي ترقياتي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. شاهه غلام قادر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ??ي توانائي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان 23 ارب رپين جي پئڪيج جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهه غلام قادر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي.