اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک پو??ئن??س جو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 813.52 پو??ئن??س جي واڌ بعد 100082.77 پو??ئن??س تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي ??عت??اد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي تسلسل ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طو?? تي 450 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 117 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي شيئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طو?? تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 160.90 پو??ئن??س جي اضافي بعد 31193.28 پو??ئن??س ۽ اسلامي ماليات جي اي?? آءِ 30 انڊيڪس 2437.74 پو??ئن??س جي اضافي کانپوءِ 147220.79 پو??ئن??س تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي ??عت??اد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.