اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو آهي، ??ه پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي گذريل ڪجهه سالن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آ??ي، ??ءِ ٽي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃ?? اسان جو هدف آهي. گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي آ??ريڪا ۽ جاپان سان ٽيئر-1 جو درجو ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن آمريڪا ۾ رٿيل پهرين پاڪ – يو ايس ٽيڪ انويسٽمينٽ ڪانفرنس 2024ع کي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان يو ايس ٽيڪ انويسٽمينٽ ڪانفرنس پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ڪانفرنس پاڪستان آمريڪا جي ڪمپنين وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر گذريل ڪجهه سالن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آ??ي. هن چيو ته اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي آ??ي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي هدايت تي آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃ?? اسان جو هدف آهي، ڪاروباري ادارن کي محفوظ سائبر اسپيس فراهم ڪرڻ لاءِ اسان اهم اڳڀرائي ڪئي آ??ي. گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي آ??ريڪا ۽ جاپان سان ٽيئر-1 جو درجو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي اي گورنمينٽ ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ به ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آ??ي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي انيبلڊ سروسز جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ روانگي واپار آمريڪا، برطانيه ڏانهن وڃي ٿو. حڪومت آءِ ٽي انڊسٽري جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، ??زه فاطمه چيو ته ملڪ ۾ ڊ??يٽلائيزيشن لاءِ قدم جاري آ??ن. وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جوڙڻ لاءِ جلد قانونسازي ڪئي ويندي. پاڪستان کي پرڏيهي سيڙپڪارن ٽيڪنالاجي پارٽنرز لاءِ پرڪشش مقام طور ڏٺو پيوو ڃي. پاڪستان ۾ هر سال 75 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس ادارن مان تيار ٿي نڪرن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 63 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، نوجوان اسان سڀني جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم ک??ي رهيا آهيون.