اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيني سفير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لااڳپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني ويو. هن چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. وز??راعظم چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته چيني شهرين تي ان حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين جي عيادت جي لاءِ توهان سان ملڻ آيو آهيان. وز??راعظم چيني سفير کي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙ ۾ وٺڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، واقعي ۾ زخمي چيني شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪو آهيان. وز??راعظم چيو ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ چيني شهرين جي صحت بهتر ٿي رهي آهي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چيني سفير وز??راعظم جا سفارتخاني اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته وز??راعظم واقعي جي ذميوارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، گهرو وز??ر محسن رضا نقوي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وز??راعظم سان گڏ هئا.