اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جو و??ير??عظم انور ابراهيم پاڪستان جو پنهنجو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف معزز مهمان کي نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ رخصت ڪيو. ان کان اڳ اربع ڏينهن پاڪستان اچڻ تي و??ير??عظم محمد شهباز شريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ ملائيشين و??ير??عظم جو استقبال ڪيو هو. تفصيل موجب دوري دوران انور ابراهيم اعليٰ سطح جي وفد جنهن ۾ و??ير?? نائب وزير ۽ اعليٰ عملدار شامل هئا و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته صدر آصف علي زرداري سان لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري کانپوءِ ملائيشين و??ير??عظم انور ابراهيم پنهنجي ايڪس ٽائيم لائين تي لکيو ته منهنجي پاڪستاني هم منصب شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتن سان گڏوگڏ صنعتي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي وسيع پئماني تي لاڀائتا نتيجا نڪتا. هن چيو ته انهن ملاقاتن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اعليٰ قيادت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. ??ري?? مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. دوري دوران ملاقاتن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ملائيشيا کي 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت ?? هڪ لک ٽن باسمتي چانور برآمد ڪندو. انور ابراهيم چيو ته يقيني طور تي پاڪستان پاران گوشت، چانور ۽ پام آئل جي درآمد سميت واپار ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي سمورن شعبن ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ مصنوعي ذه??نت (اي آءِ)، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽر جهڙن اهم شعبن جي ذريعي هنرمند ڪارڪنن جي شعبي ۾ پڻ تعاون کي سگهه ڏيندا. دوري دوران هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشين و??ير??عظم انور ابراهيم کي نشان پاڪستان ايوارڊ سان پڻ نوازيو. کيس نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان پڻ نوازيو ويو جتي هن ليڪچر پڻ ڏنو.