اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرم??ن سيد يوسف رضا گيلاني سان ??وس جي سفير اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي، علائقائي، عالمي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ان موقعي تي سينيٽ چيئرم??ن سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته روس سان گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. روس خطي جو اهم ملڪ آ??ي. پاڪستان ??وس سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. روس جي سفير رشين فيڊريشن ڪائونسل جي چيئرپرسن ويل??ٽي??ا ميٽيا وينڪو طرفان ??ينيٽ چيئرم??ن سيد يوسف رضا گيلاني لاءِ مبارڪن جو خط پڻ پيش ڪيو.