اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ايڇ وي اي سي منصوبي جي پي سي ون منظور ڪئي وئي آهي. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته 1700 ٽن ايڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائين وڌائي وئي. هن چيو ته منصوبي جي پي سي ون منظ??ر ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان منصوبي تي 1654 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ 6 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ س??ار?? جو سلسلو جاري آهي. گرمين جي موسم ۾ مناسب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب م??يض?? کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ س??ار?? ۾ گرمي پد معتدل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.