اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽم??ر ??ائين نيويارڪ جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪن??و جتي هو گهڻ رخي عمل جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم جو ورجاءُ ڪن??و ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار جي حمايت جو اظهار ڪن??و. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزير??عظ?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي ۽ پراڻي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏيندو. هن چيو ته وزير??عظ?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ملاقات ڪن??و. هو سطح سمنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ پيدا ٿيندڙ وجودي خطرن ۽ ”ليڊرشپ فار پيس“ سميت اعليٰ سطح جي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪن??و ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث ۾ حصو وٺندو. نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير جيڪو وزير??عظ?? سان گڏ هوندو، 22 ۽ 23 سيپٽم??ر ??ي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پاران گهرايل ”سمٽ آف دي فيوچر“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪن??و. هو او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني رابطا ميٽنگ، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس، جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اجلاس ۽ غيروابسته تحريڪ جي وزارتي اجلاس ۾ پڻ حصو وٺندو.