لنڊن – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر مح??د اسحاق ڊار پاڪ برطانيا حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۾ 1.7 ملين برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو آهي. نائب وز??راعظم اهڙن خيالن جو اظهار لارڊ چانسلر ۽ برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار جسٽس شبانه مح??ود سان ڳالهائيندي ڪيو. شبانه مح??ود ان عهدي تي مقرر ٿيندڙ پهرين مسلمان عورت آهي. نائب وز??راعظم سينيٽر مح??د اسحاق ڊار لارڊ چانسلر شبانه مح??ود کي سندس تاريخي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس ڪاميابي سمورن مسلمانن خاص طور تي پاڪستانين جي لاءِ فخر جوڳي آهي. نائب وز??راعظم چيو ته هو لارڊ چانسلر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خصوصي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. هن لارڊ چانسلر کي گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي پاڪستان جي ??ور?? جي دعوت ڏني. لارڊ چانسلر شبانه مح??ود مبارڪباد واري پيغام تي نائب وز??راعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته متحرڪ پاڪستاني برطانوي ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.