اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ??يو آهي ته مشڪل حالتن ۾ زندگي خطري ۾ وجهي انسانيون حياتيون بچائڻ بهادري آهي، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانس??اء?? ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله تي پوري قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي علائقي قلعه عبدالله ۾ ٻ??ڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله سان ڳالهائيندي ڪيو. هن محب الله کي 25 لک رپيا انعام ڏنو ۽ سندس ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ ٻين سهولتن جو پڻ اعلان ڪيو. هن وزيراعظم هائوس اچڻ تي محب الله کي ڀليڪار چيو. وزيراعظم م??ب الله جي انساني حياتيون بچائڻ جي جذبي کي ساراهيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم ??يو ته مون سميت پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. توهان جي انسانيت سان محبت جي جذبي جي دل س??ن قدر ڪريان ٿو. وزيراعظم ??يو ته توهان قوم جا هيرو آهيو، توهان همت سان ڪم وٺي قيمتي انساني حياتيون بچايون. اهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي انساني حياتيون بچائڻ بهادري جو ڪم آهي. وزيراعظم م??ب الله جي بهادري جي اعتراف ۾ کيس حڪومت پاران 25 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيراعظم م??ب الله جي ٻارن جي لاءِ يونيورسٽي تائين جي تعليم مفت ۽ ان جي خاندان کي صحت جي مفت سهولتن جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي محب الله وزيراعظم سان ڳالهائيندي ??يو ته توهان سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ماڻهن جون حياتيون بچائڻ وقت قطعي طور تي اهو نه سو??يو هو ته اها ڳالهه پوري ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندي. هن ??يو ته وزيراعظم ۽ حڪومت جو ٿورائتو آهيان جو هن ان قدم کي ساراهيو ۽ منهنجي لاءِ قيمتي وقت ڪڍيو. وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم پاران عزت افزائي تي دل س??ن ان جو ٿورائتو آهيان.