اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته ??يڪ??ورٽيز ايڪسچينج ڪميشن ۾ هڪ مهيني ۾ رڪارڊ 3 نئين ڪمپنين کي رجسٽريشن مل??ي معيشت ۾ بهتري جو چثو ثبوت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو سامهون اچي رهيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان مطابق هن چيو ته ??يڪ??ورٽيز ايڪسچينج ڪميشن جولاءِ ۾ تقريبن 3 هزار نئيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون آهن جن مان 86 ڪمپنين ۾ پرڏيهي سيڙپ ڪئي وئي آهي. راڻا مشهود احمد خان چيو ته ايس اي سي پي ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ڪمپنين جو رجسٽرڊ ٿيڻ معيشت ۾ بهتري جو چثو ثبوت آهي. هن چيو ته پرڏيهي انويسٽمينٽ پاڪستان جي معيشت تي اعتماد ڪري ٿي. مل??ي معيشت انشاالله جلد مستحڪم ٿي ويندي.