اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 78 هين آزا??ي جي ڏهاڙي تي پوري پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزادي ڏهاڙو خودمختياري جي حق لاءِ ڀارتي مسلمانن جي تاريخي سياسي جدوجهد جو نقطه عروج آهي، هڪ پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جي ذريعي پاڪستان جو قيام تاريخ جو هڪ بي مثال ۽ بينظير باب آهي، اسان ??اڪستان جي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيندڙ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ پنهنجي وڏن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 78 هين آزا??ي جي ڏهاڙي 14 آگسٽ 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي اختلافن کي مٿانهون رکي ملڪ جي اتحاد، سالميت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ پرعزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ کي بي شمار انساني ۽ قدرتي وسيلن سان ??وازيو ويو آهي ۽ اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته عوام جي ڀلائي جي لاءِ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون، اسان کي قانون جي حڪمراني، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ عوامي مفاد ۾ دل ۽ جان سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته قوم جون اسان سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن ۽ اسان کي عوامي امنگن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اسان کي قائداعظم جي فرمان ”جيڪڏهن اسان ??ن عظيم ملڪ پاڪستان کي خوش ۽ خرم ۽ خوشحال بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجو سمورو ڌيان ??اڻهن خاص طور تي عوام ۽ غريب طبقي جي ڀلائي تي ڏيڻ گهرجي“ مان تحريڪ حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو ئي وقت آهي ته اسان ??اڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي نوجوانن ۽ عورتن تي سيڙپڪاري ڪريون، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻايون ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪريون. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ اسان کي آزا??ي جو جشن ملهائيندي 7 ڏهاڪن کان ??نهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پنهنجي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي، اڄ اسان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته اچو، وچن ڪريون ته اسان عوام جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي هڪ خوشحال ملڪ بڻائينداسين. الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر ه??ي. ??مين!.