اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي ??ي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ پهچ نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ بورڊ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا نوان مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبر پڻ موجود هئا. وز??را??ظم ڊسڪوز بورڊز جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم انهن مقررين جي عمل کي انتهائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاور واري وفاقي و??ير ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وز??را??ظم چيو ته توهان کي قومي خدمت جو موقعو مليو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته توهان پنهنجي ذميواري پوري خوش اسلوبي سان نڀائيندا. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سٺن ماڻهن جي مقرري ٿي جن کي پنهنجي شعبي تي عبور حاصل آهي، نيون مقرريون توانائي جي شعبي جي سڌارن طرف پهريون قدم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن. وز??را??ظم چيو ته ڊسڪوز ۾ گورننس جي کوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت آهي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڊيجيٽائيزيشن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وز??را??ظ?? هدايت ڪئي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجون ڪسٽمر سروسز بهتر بڻائين. هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي وارن آفيسرن جي پذ??را??ي ڪئي ويندي ۽ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويندو. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ايس او اي ايڪٽ تحت بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي پاليسي سازي ۾ خودمختياري حاصل آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي و??ير احد خان چيما، نجڪاري وارو وفاقي و??ير عبدالعليم خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، پاور وارو وفاقي و??ير اويس احمد خان لغاري، وز??را??ظم جو پاور وارو خاص معاون محمد علي، وز??را??ظم جو ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.