اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ل??ءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??المي شهرت رکندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو نائله ڪياني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نائله ڪياني کي ويجهڙائي ۾ دنيا جي پنجين وڏي چوٽي مڪالو سر ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ هن کي تعليم بابت پاڪستان ۾ اعز??زي سفير ، جبل چاڙهو جي شعبي جي ترقي ۽ ان ??والي سان پيشيوراڻي تربيت جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هر شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته نائله ڪياني جو پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو جي حيثيت سان 8 هزار ميٽر کان ??لند 11 چوٽيون سر ڪرڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ل??ءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نائله ڪياني وزيراعظم جو ملڪ ۾ عورتن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو. نائله ڪياني وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جبل چاڙهو جي شعبي ۾ خصوصي تربيت، هنر ۽ پيشيوراڻي تعليم جي حوالي سان ??جويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي انهن تجويزن تي عملدرآمد لاءِ هڪ جامع لائحه عمل بڻائي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.