اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??ينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن افغان پناهگيرن تي ??صوصي ڌيان سان گڏ عالمي پناهگيرن جي صورتحال بابت وسيع مسئلن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ ??ي آر جي وچ ۾ پراڻي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ تعاون کي ساراهيندي ان کي ملڪ جي مهمان نوازي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏنو. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي يو اين ايڇ ??ي آر جي جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ ??ي آر جي وچ ۾ پائيدار رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي ??ور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??فغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ نئين انساني صورتحال سان عالمي ڌيان کي لکين افغانين جي ضرورتن تان هٽائڻ نه گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??المي يڪجهتي ??ي مسلسل مظاهري ۽ عالمي ذميواري ۽ بار ونڊڻ جي اصول تي وفاداري ??ان عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن کي ضروري ??مداد جي فراهمي ۽ انهن جي سٺي، محفوظ ۽ باوقار واپسي جي لاءِ پائيدار حل جي لاءِ گڏجي ڪم جاري ??کڻ تي ??تفاق ڪيو.