اسلام آباد-10 جون(اي پي پي) قومي اقتصادي س??وي جاري مالي س??ل 24-2023ع (اڄ) اڱاري تي جاري ڪيو ويندو. ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪ سيڪريٽريٽ جي پي پبلڪ آڊيٽوريم ۾ اقتصادي س??وي جاري ڪرڻ واري تقريب جي صدارت ڪندو. ان موقعي تي رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، حڪومت جي اقتصادي ٽيم جا ميمبر، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جي چيئرمين سميت ٻين لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز به موجود هوندا. قومي اقتصادي س??وي ۾ جاري مالي س??ل دوران اهم سماجي ۽ اقتصادي هدف ۽ مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي جا تفصيل شامل هوندا. اقتصادي س??وي ۾ زراعت، مينيوفيڪچرنگ، صنعت، خدمتن، توانائي، آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪيپيٽل مارڪيٽس، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ـ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ اقتصادي رجحانن جو احاطو ڪيو ويندو. ان کان علاوه اقتصادي س??وي ۾ ناڻي اؤسر، واپار، قرضن جي ادائگي، آبادي، روزگار، ماحولياتي تبديلين ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ حڪومتي قدمن ۽ رجحانن جا تفصيل به شامل هوندا. واضح رهي ته اندروني ۽ـ پرڏيهي چئلينجز باوجود معيشت ۾ استحڪام ۽ جٽادار اؤسر ل??ءِ حڪومت طرفان ترتيب ڏنل پاليسين ۽ حڪمت عمليءَ سان اقتصادي اؤسر ۽ سپلاءِ چين ۾ بهتري اچي رهي آهي، مثبت پرائمري بيلنس مان حڪومت طرفان اقتصادي استحڪام لاءِ کنيل قدمن مان فائدي جي عڪاسي ٿي رهي آهي، زراعت جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ سان مجموعي قومي معيشت ۽ جي ڊي پي تي سٺا اثر پئجي رهيا آهن. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ بهتري اچي رهي آهي، حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس محصولن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. صنعتي س??گرمين ۽ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل تيزي اچي رهي آهي، ايندڙ مهينن ۾ اقتصادي استحڪام لاءِ قدم وڌيڪ سگهه ماڻيندا. مالي س??ل جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي مان ڏيهه آيل ناڻي ۾ سالياني بنيادن تي 3.5 سي??ڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. ملڪي روانگي واپار ۾ ان مُدي دوران 10.6 سي??ڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ آمدني واپار ۾ سالياني بنيادن تي 5.3 سي??ڙو گهٽتائي ٿي آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارن ۾ سالياني بنيادن تي 94.8 سي??ڙو جي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي س??ل جي پهرين 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتي جو خسارو 0.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي ان مُدي ۾ 3.9 ملين ڊالر هو. مالي س??ل جي پهرين 10 مهينن ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ 8.1 سي??ڙو جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي جي ذخيرن ۾ به جاري مالي س??ل دوران واڌ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي س??ل دوران مجموعي طور 5.056 ارب ڊالرن جي نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. 30 جون 23ع تي پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.160 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.445 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 4.715 ارب ڊالر هو. 31 مئي 24ع تي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو مجموعي ڳاڻيٽو 14.216 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.110 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 5.106 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو تقريبن 2 مهينن جي آمدني واپار ل??ءِ ڪافي آهي. جاري مالي س??ل جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو مجموعي طور 4.664 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 391 ملين ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن ۾ ايف بي آرجي مجموعي محصولن ۾ سالياني بنيادن تي 31 سي??ڙو واڌ ٿي، مئي 24ع ۾ ايف بي آڙ کي 760 ارب رپيا جا محصول موصول ٿيا، جڏهن ته مقرر ڪيل هدف 745 ارب رپيا هئا، مئي ۾ اندروني ٽيڪس 43 سي??ڙو جو متاثر ڪندڙ اضافو ٿيو، نان ٽيڪس روينيو ۾ 94.8 سي??ڙو جو اضافو ٿيو. پرائمري بيلنس 1615.4 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي س??ل جي ان مُدي ۾ 503.8 ارب رپيا هو. مالي س??ل جي پهرين 9 مهينن ۾ زرعي شعبي کي 1.635 ٽريلين رپين جا قرض جا ڪيا ويا، زر وسيع ايم ٽو ۾ 3 مئي تائين 7.1 سي??ڙو جي شرح سان واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جولاءِ کان اپريل تائين جي مُدي ۾ صارفين لاءِ قيمتن جي اهڃاڻن ۾ 26 سي??ڙو جي س??ح تي رڪارڊ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو گذريل مالي س??ل جي ان مُدي ۾ 28.2 سي??ڙو هو. اپريل ۾ صارفين لاءِ قيمتن جواهڃاڻ 17.3 سي??ڙو رهيو، جيڪو گذريل سال اپريل ۾ 36.4 سي??ڙو هو. مالي س??ل جي پهرين 9 مهين ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ 73.1 سي??ڙو کان وڌيڪ جي شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. 24 مئي 24ع تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو 36.84 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 3 جولاءِ 23ع تي 23.39 ارب ڊالر هو. مانيٽرنگ پاليسي ۽ مالي استحڪام لاءِ ترتيب ڏنل پاليسين سبب معيشت جٽادار راهه تي گامزن آهي. خريف جي فصلن مان زرعي س??گرمين ۽ پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، جنهن سان مجموعي اقتصادي اؤسر تي هاڪاري اثر پوندا.