اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تع??يم?? ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام سان عوام جنهن ۾ شاگرد، تع??يمي ادارا ۽ ڪاروباري شخ??يتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير بيراموف گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.