شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سي پيڪ ج?? ٻئي مرحلي تحت بزنس ڪانفرنس شينزن منعقد ڪئي وئي. شينزن ۾ پاڪستان چين بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون ٿيون، پاڪستان حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ??ي فروغ جي لاءِ هڪ سهولتڪار ??و ڪردار ??دا ڪيو. بزنس ڪانفرنس ۾ هڪ ئي ڇت جي هيٺ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين کي هڪ اهڙو ما??ول فراهم ڪيو ويو جو اهي پنهنجي دلچسپي جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهن. پاڪستان مان 120 ڪمپنين جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جڏهن ته چين جي 500 کان وڌيڪ ڪمپنين ?? ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي پاڪستاني ڪمپنين سان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون ٿيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي دوستاڻي لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي سان ڪاروبار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ??هي. معدنيات سولر پينلز جي مينوفيڪچرنگ اليڪٽرانڪس پيٽرو ڪيميڪلز اسٽيل موبائيل فون جي مينوفيڪچرنگ ٽيڪسٽائيل چمڙي جي صنعت، سرجيڪل اوزارن،زراعت، اليڪٽرانڪ گاڏين، ??اڻ ۽ آءِ سي ٽي سميت 13 شعبن ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو جائزو ورتو.