اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز ??ري?? ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزير??عظ?? پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ زرعي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز ??ري?? سان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي پي ايم ٽرمينلز ۽ بورڊ ميمبر اي پي مولر ميئرسڪ ڪيٿ سوينڊسن جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيٿ سوينڊسن ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? ان منصوبي جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا نمائندا به شامل آهن. وزير??عظ?? پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ زرعي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڪيٿ سوينڊسن پاڪستان جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جو سف??ر جيڪب لنلف، واپارو، ناڻي، سامونڊي معاملن وارا وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل ا??ار?? جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. تجويز ڪيل منصوبي جي تعمير سان ڪراچي جي بندرگاهه ۾ وڏا ڪارگو جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا. ان منصوبي سان وچ ايشيائي ملڪن تائين سڄي دنيا مان ڪارگو آساني سان پهچائي سگهبو. اي پي ايم ٽرمينلز لاهور، ترنول ۽ پشاور ۾ پڻ عالمي معيار جي لاجسٽڪس اسٽوريج فيسليٽي تعمير ڪندي. تجويز ڪيل منصوبي سان پوري دنيا کي پاڪستاني برآمدات تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ان منصوبي جي ڪري لاجسٽسڪ جي لحاظ کان پاڪستان خطي جو مرڪز بڻجي ويندو. ان منصوبي سان پاڪستاني مصنوعات جي قدر ۾ اضافو ڪرڻ جو موقعو پيدا ٿيندو جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ معيشت وڌيڪ ترقي ڪندي.