مڪه مڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمرو ادا ڪ??و، ان موقعي تي بيت الله جا دروازا کولي وزيراعظم کي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وفد سان گڏ عمرو ادا ڪ??و. هن خانه ڪعبه جو طواف ڪي?? ۽ عمري جا ٻيا فرض ادا ڪ??ا. وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل پڻ ادا ڪ??ا، کيس ب??ت الله جا دروازا کولي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي د??ا ڪئي. هن عالمي امن، سڄي دنيا جي مسلمانن خاص طور تي فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي د??ا ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.