مڪه المڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پ??ڪيج جي پهرين مرحلي کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ باضابطا ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف الصفا پيلس مڪه المڪرمه ۾ هڪ باضابطا ملاقات ڪئي. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ??ڻٿڪ حمايت ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو محور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف ??عب?? ۾ تعاون کي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ تي هو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ سعودي عرب جي ??عاون کي ساراهيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي ??والي سان تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ 5 بلين ڊالر ماليت جي نئين سعودي سيڙپڪاري پ??ڪيج جي پهرين فيز کي جلد کان جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي پنهنجي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ??لائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي روڪڻ، انساني جاني نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي ته جيئن هو پنهنجي ??يرقانوني قدمن کان پاسو ڪري ۽ عالمي قانونن جي پ??سداري ڪري. ٻنهي اڳواڻن غزه تائين بنا رڪاوٽ جي ??نساني امداد جي پهچ جي ??رورت تي زور ڏنو. هنن سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ عرب امن قدمن جي ??مل کي اڳتي وڌائڻ جي ??رورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جو مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي، جي قيام جي لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ ٺوس حل ڳولڻ آهي. ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ??هميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ??عوت ڏني جنهن کي ولي عهد قبول ڪري ورتو.