اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آ??ي ته جي يو آءِ پنهنجو پارلياماني ڪردار ادا ڪندي، اسان پارليامينٽ ۾ پنهنجي پارلياماني حيثيت سان وينداسين ۽ پنهنجو آ??از بلند ڪنداسين، اسان اسيمبليون نه ڇڏي رهيا آهيون. جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي مجلس عامله کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چي?? ته اسان پنهنجو مؤقف ڏئي رهيا آهيون، منهنجو بيان مرڪزي مجلس عامله جو بيان آهي. مولانا فضل الرحمان چي?? ته اسان ڪنهن به پارٽيءَ سان اتحاد ۾ ناهيون. هن چي?? ته اسان جا خدشا آهن پر اسان اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي ته اسان اسيمبليون ڇڏي رهيا آهيون، اسيمبلين ۽ چونڊ نتيجن بابت اسان جو مؤقف واضح طور تي اچي ويو آ??ي ان تي ڪو ابهام ناهي. هن چي?? ته مرڪزي مجلس عامله جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عمومي کي سفارش ڪئي آهي ته اها جمعيت جي پارلياماني سياست جي باري ۾ فيصلو ڪري، ان سلسلي ۾ چئني صوبائي مجلس عمومي جا اجلاس صوبن جي مرڪزي هنڌن تي سڏايا ويندا ته جيئن مرڪزي مجلس عامله جي فيصلن جي باري ۾ صوبن کي به اعتماد ۾ وٺي سگهجي. هن چي?? ته اسان 22 فيبروريءَ تي اسلام آباد ۾، 25 فيبروري تي بلوچستان ۾ پنهنجي صوبائي ??نر?? ڪائونسل سان، 27 فيبروري تي اسان ڪي پي ڪي خاص طور تي فاٽا ۾ ??نر?? ڪائونسل سان، 3 مارچ تي اسان ڪراچي ۾ سنڌ صوبي جي ??نر?? ڪائونسل سان ۽ 5 مارچ تي لاهور ۾ پنجاب جي ??نر?? ڪائونسل سان ملاقاتون ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پي ٽي آءِ سان اسان جا اختلاف ڪنهن کان لِڪل ناهن پر ايوان ته سڀني جو هوندو آ??ي. هن چي?? ته جي يو آءِ هڪ نظرياتي قوت آهي، ملڪ جي داخلي نظام ۽ عالمي مسئلن تي ڪنهن مصلحت يا سمجهوتي جو شڪار نه ٿيندي ۽ وسيع مشاورت ڪئي ويندي، اسان افغانستان ۾ امارات اسلاميه جي استحڪام ۽ پاڪستان افغانستان جي پُرامن لاڳاپن جي حوالي سان ڪردار ادا ڪيو آ??ي. جي يو آءِ اسرائيل جي رياستي دهشتگردي خلاف فلسطينين جي مؤقف جي حمايت ڪئي آهي. ان موقعي تي سينيٽر عبدالغفور حيدري، اڪرم خان دراني ۽ ٻيا به موجود هئا.