اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) ڪامن ويلٿ مبصر گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ 2024ع جون عام چونڊون پرامن نموني ڪرائڻ تي پا??ست??ن کي م??ارڪون ڏيون ٿا، پوري چونڊ ??مل دوران پا??ست??ن جي عوام جي حوصلي ۽ همت کي ساراهيون ٿا، پولنگ اسٽاف سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ان جي ايجنٽن، س??ڪي??رٽي ايجنسيز کي چونڊ ??مل دوران انهن جي ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪامن ويلٿ گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آهي ته اسان ۽ اسان جي نمائندن 2024ع جي چونڊن جو مشاهدو ڪيو، ماڻهن وڏي انگ ۾ ووٽ وڌا، اليڪشن مينيجمينٽ سسٽم بهترين ڪوشش هئي، هن اليڪشن ڪميشن جي اسٽاف کي ساراهيندي چيو ته چونڊ اسٽاف به تمام پيشيوراڻي طريقي سان ڪم ڪيو. هن ٻڌايو ته اسان ڪراچي، ملتان، حيدرآباد، فيصل آباد جي م??تلف پولنگ اسٽيشنن جودورو ڪيو، عورت عملي کي چونڊ اسٽيشنن تي بهترين طريقي سان ڪم ڪندي ڏٺو ويو، هن چيو ته عالمي م??صر طور اسان جا پنهنجا معيار آهن، ڪنهن به خبر جي ترديد يا تصديق جا پابند ناهيون، ڪامن ويلٿ وفد جي سربراهه چونڊن واري ڏينهن س??ڪي??رٽي تي موجود اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو، هن چيو ته اسان ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا جيڪي جسماني م??ذوري باوجود چونڊن واري ڏينهن پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪرڻ لاءِ نڪتا جڏهن ته انهن کي ووٽ جي حق جي استعمال لاءِ پولنگ اسٽاف ۽ س??ڪي??رٽي تي موجود ماڻهن جي طرفان موثر مدد فراهم ڪئي وئي، جن کي ساراهيون ٿا.