اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪئي آهي ته هو سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ??کن ته جيئن ووٽرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري سگهجي. جاري بيان مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ـ آءِ جيز سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته سيڪيو??ٽي??َ کي هاءِ الرٽ ??کيو وڃي ۽ جلد ??ان جلد مقرري کي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ووٽرن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ۽ سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي آفيسن کي محفوظ بڻائي سگهجي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان سان به دهشت??رد??ءَ جي ٻن افسوسناڪ واقعن تي ڏُک جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن هر قسم جي معاونت ڪندي.