اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عدليه جي خلاف ڪڌي مهم هلائي وئي جنهن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي صحافين ۽ يوٽيوبرز کي هراسان ڪرڻ جي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ڪنهن ??ي نوٽيس جاري ڪرڻ هراسان ڪرڻ جي زمري ۾ نه ٿو اچي. ”جي ٽ?? وي“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانوين طور تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو اختيار آهي، ايف آءِ اي 32 صحافين، يوٽيوبرز ۽ 22 سياسي ماڻهن ??ي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته اهي فلاڻي تاريخ تي پنهنجو موقف ڏيڻ جي لاءِ اچن. هن ??يو ته اڃا تائين اهي نوٽيس برقرار آهن، واپس ناهن ٿيا. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن ??يو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت تنقيد کي آئيني تحفظ حاصل آهي پر تنقيد جي نالي تي ڪنهن جي تذليل يا توهين ڪرڻ آئين جي ان آرٽيڪل جي دائري ۾ نٿو اچي. هن ??يو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، جيڪڏهن ??نهن قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته ان کي قانون کي منهن ??يڻ گهرجي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اخبارن ۾ ڪنهن خبر جي تصديق جي لاءِ گيٽ ڪيپر جو نظام موجود هوندو آهي، ان نظام تحت اها تصديق ڪئي وڃي ٿي ته فلاڻي معلومات صحيح آهي يا نه پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه يوٽيوبرز هڪ نئين سياسي معيشت تخليق ڪري ڇڏي آهي ته جيڪو جيترو وڏو ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه ڪندو، ان جا ويوز ايترا وڌيڪ ايندا. هڪ سوال جي جو??ب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانون جي خلاف ورزي تي پي ٽي اي ڪنهن به ويب سائيٽ کي بند ڪري ??گه?? ٿي، جيڪڏهن ??ا خاص ويب سائيٽ بند ٿي آهي ۽ جيڪڏهن قانون جي خلاف ورزي ناهي ڪئي ته ان جي شڪايت پي ٽي اي کي ڪري سگهجي ٿي.