ڪراچي – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زور ڏنو آهي ته معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، انهن کي تعليم ۽ زندگ?? جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌ??ان ڏنو وڃي. هو ڊائون سنڊروم ۽ ٻين ذهني چئلينجن ۾ و??تل ماڻهن جي اداري سوسائٽي فار چلڊرن ان نيڊ آف اسپيشل اسسٽنس جي دور?? جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار معاشري جو حصو آهن ۽ انهن کي زندگ?? جي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان اهي پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ روزاني جا ڪم پاڻ سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻجي سگهن ٿا. هن اهڙن ماڻهن جي لاءِ انهن جي صلاحيتن موجب روزگار جا خصوصي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي انهن ملازمتن جي لاءِ گهربل مخصوص هنر سيکارڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ??ڄي دنيا ۾ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي لاءِ معمول ??ي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي زور ڏيڻ جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن، اسان کي پاڪستان ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ روايتن کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن سرڪاري شعب?? جي ملازمتن ۾ مختلف ماڻهن جي لاءِ خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪري ان سلسلي ۾ ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته ??ئنڪنگ سيڪٽر پڻ خصوصي ماڻهن کي شامل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??سٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ مختلف بئنڪن جي سربراهن پڻ وڌيڪ خاطري ڪرائي آهي ۽ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن جي شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ بابت تازي اجلاس ۾ پڻ ان سلسلي ۾ قدم کنيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وڏي پئماني تي آگاهي سما??ي تاثر ۽ طرزعمل کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان جو مشاهدو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خصوصي مهمان دوران ٿيو. هن چيو ته ??گاه?? جي قدمن بشمول علامتن ۽ روڪٿام بابت ٽيڪسٽ ۽ صوتي پيغام سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن تائين پهتا جنهن سان سوين قيمتي جانيون بچي ويون. ڊاڪٽر عارف علوي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علو?? جي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي حوالي سان وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوششن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هاڻي هوءَ ذهني صحت جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. صدر مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي خصوصي سارسنڀال ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي جون بنيادي مهارتون سيکارڻ تي سوسائٽ?? جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي سوسائٽ?? جي اعزازي سيڪريٽري ذوالفقار علي رمزي چيو ته ??ن حقيقت کي سمجهندي ته ??صوصي سارسنڀال ۽ آگاهي سان مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار پنهنجي زندگي گذار سگهن ٿا ته ??وسائٽي انهن کي سموريون ضروري مهارتون فراهم ڪري رهيو آهي. پرنسپل ايس ڊي ايڇ، رضوانه خانم بريفنگ ڏني ته ??وسائٽي جو وڏو مقصد مختلف قسم جي مشڪلاتن ۾ و??تل ٻارن ??ي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ پليٽ فارم قائم ڪرڻ آهي ته ??يئن اهي معاشر?? جي پاڻڀرو ۽ قدر ۾ اضافو ڪندڙ ماڻهو بڻجي سگهن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف معذور ٻارن ??ي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ سهولتن جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ ادار?? جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ انهن خصوصي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئ?? جيڪي پيشيواراڻي سرگرمين يا راندين ۾ مصروف هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي سوسائٽ?? جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.